سائين بخش ٿهيم فقير

سائين بخش ٿهيم، فقير: شاهه جي راڳيءَ فقير سائين بخش ولد محمد مبين ٿهيم، 1954ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿهيم، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو، کيس شاهه جو راڳ خانداني طور تي ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي راڳي شاهه جي راڳ ذريعي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هن 1974ع ڌاري شاهه سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب پنهنجي ويجهي عزيز فقير يعقوب ٿهيم جي سرپرستيءَ ۾ شاهه جي راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سندس استاد جي شفقت ۽ ذاتي شوق سبب راڳ جي مڪمل سکيا حاصل ڪري ورتي پاڻ شاهه جي ڪافي سرن کي سهڻي انداز سان پيش ڪندو آهي. ان سان گڏ شاهه سائينءَ جي ايجاد ڪيل الهامي ساز دنبوري وڄائڻ جي سکيا پڻ ورتائين. هي سائينءَ جي درگاهه ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاهه کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترين ئي درگاهن ۽ پوري سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس پاڪستان کان ٻاهر پئرس، اسپين، جرمني، ٿائلينڊ سميت ڪيترن ٻين ملڪن ۾ به شاهه سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان موقعا ملي چڪا آهن. ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر کيس ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا اٿس. هي شاهه سائينءَ جي راڳ جي قانون ۽ قاعدن جي مڪمل ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا پڻ ڏئي چڪو آهي. انهن مان سندس ڪيترائي شاگرد وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ آچر جي ڏينهن ۽ سومر جي رات حاضري ڀري سر وکيريندو آهي. پاڻ هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ محمود ٿهيم ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو